عمران خان جي خواهش آهي ته اسٽيبلشمينٽ ان سان گڏ رهي: خواجا آصف  

Spread the love

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته چونڊون عمران خان جي ڊمانڊ تي نه 2023 ۾ وقت تي ٿينديون، عمران خان جو گهڙي گهڙي اسٽيبلشمينٽ کي نشانو بڻائڻ حڪمت عملي آهي. سيالڪوٽ ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمران خان جي گرفتاري قانوني معاملو آهي، سمورا ڪيس قانون موجب هلڻ گهرجن. هن چيو ته بي اعتمادي ڪامياب ٿيڻ کانپو/ءِ عمران خان جي خواهش آهي ته اسٽيبلشمينٽ ان سان گڏ رهي، اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ٿي آهي ته اهو آئين جي بالادستي سبب آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف هر وقت ٻوڏ متاثر علائقن جا دورا ڪري رهيو آهي، عمران خان کي رڳو جلسن ۽ پنهنجي اقتدار جي لڳل آهي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اڄ عدليا سميت سڄي دنيا چئي رهي آهي ته نواز شريف سان زيادتي ٿي.

سيپٽمبر 12, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو