ڪتابي ميلا لڳڻ ڇو ضروري آهن؟

Spread the love

قمر آفتاب

انساني زندگي ۾ ڪتابن جي تمام گهڻي اهميت رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪتاب ئي آهن جيڪي ماڻهو کي تاريخ کان روشناس ڪرائيندا ۽ مستقبل جو ادراڪ مهيا ڪندا آهن. کين بري ڀلي جو فرق سمجهائيندا آهن. ان لاءِ انسان جي ڀلائي ان ۾ ئي آهي ته هو پاڻ کي فضول سرگرمين ۾ مصروف رکڻ جي بدران ان يقين سان ڪتابن سان ناتو جوڙي رکي ته کيس ڪتاب ڪٿي به ڪِرڻ ۽ زندگي جي ڪنهن به موڙ تي مايوس ٿيڻ نه ڏيندا.

جديد سائنسي ايجادن جي اهميت کان ڪوبه انڪار ناهي، نه ئي  آئون ان معاملي ۾ ڪنهن خوف جو شڪار به آهيان. ڇاڪاڻ ته هر دور جون پنهنجون گُهرجون هونديون آهن، آرٽيفيشل انٽليجنس جهڙيون سائنسي ايجادون هن دور جون گهرجون ۽ انساني زندگي ۾تبديلي جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿيون پر ڪتابن جو نعم البدل  بڻجي نٿيون سگهن. ڇاڪاڻ ته سنڌ کي جيڪي خطرا درپيش آهن، انهن جو مقابلو محض انهن شين ۾ مهارت  حاصل ڪرڻ سان نٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ اسان کي  اسڪرين تان پنهنجون نظرون هٽائي  ميدان عمل تي مستقل مزاجي ۽ بي ڊپائي سان جدوجهد ڪرڻي پوندي. پر اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن اسان ۾ قومي شعور هوندو. پنهنجي درياهن، پهاڙن، زمينن ۽ وطن  جي مالڪي جو احساس هوندو، اهو سڀ اسان کي صرف ۽ صرف ڪتاب ئي سيکاري سگهن ٿا.

جيتوڻيڪ سنڌي ماڻهن کي ڪيئي مسئلا درپيش آهن، انهن ۾ هڪ اهو به آهي ته سنڌي ماڻهن،خاص طور تي نوجوانن جو ذهني لاڙو ڪتابن ڏانهن ڪيئن مائل ڪجي؟ ڇاڪاڻ ته آباديءَ جي لحاظ سان سنڌي ڪتابن جو وڪرو نه هجڻ جي برابر آهي. ان سلسلي ۾  جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهن، سول سوسائٽيءَ ۽ سماجي تنظيمن جي سهڪار سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪتابي ميلا لڳندا آهن رهيا آهن، پر ڇاڪاڻ ته ان ۾ حڪومتي يا ڪنهن تعليمي اداري جو ساٿ نه هجڻ سبب گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا آهن.

گذريل مهيني سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٽي روزه ڪتابي ميلو  لڳايو ويو، جيڪو 26 کان 28 فيبروري تائين جاري رهيو. جنهن ۾  سوين شاگرد، شاگردياڻين ۽ عام پڙهندڙن  ڀرپور حصو ورتو. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چيئرمين خليل الرحمان کنڀاٽي جي ذاتي دلچسپي سان شاندار طريقي سان ميلي جو منڊل سجايو ويو، جتي پيئڻ جي صاف پاڻي، سيڪيورٽي سان گڏ اسٽال لڳائيندڙن کي مفت ۾ ٽيبلون ۽ ڪرسيون وغيره مهيا ڪيون ويون. اسٽالن جي فيس نه هئڻ سبب اڪثر ڪتاب وڪرو ڪندڙ  پنهنجا ڪتاب سستي  اگهه تي وڪرو ڪندا رهيا. ميلي جي شاندار ڪاميابيءَ ڏسي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي خليل الرحمان کنڀاڻي آخري ڏينهن تي هر سال فيبروري  جي مهيني ۾ يونيورسٽي ۾ ڪتابي ميلو لڳائڻ جو اعلان ڪيو ، جنهن جي علمي، ادبي ۽ ساڃاهه وند ماڻهن ڀرپور آجيان ڪئي ۽ سندس اهڙي علم ۽ ادب عمل کي ساراهيو.

اسان جو خيال آهي ته اهڙا ڪتابي ميلا نه رڳو سنڌ يونيورسٽي ۾  لڳڻ گهرجن پر، سنڌ  يونيورسٽي جا جتي به ڪئمپس قائم ٿيل آهن، اتي پڻ انتظامي سهڪار سان اهڙو بندوبست ٿيڻ گهرجي. ۽  ان سان  سنڌ جي ٻين يونيورسٽين جهڙوڪ زرعي يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ اروڙ يونيورسٽي وغيره ۾  به ساليانه ڪتابي ميلا لڳڻ گهرجن، ته جيئن سنڌ جي نوجوان جي ڪتابن سان ويجهڙائپ پيدا ٿئي ۽  سنڌ جو آئندو محفوظ ۽ مستقبل روشن بڻجي سگهي.